اسلام آباد(بيورو رپورٽ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڇا عمران خان جي شخصيت پاڪستان کان وڏي آهي؟ هو ۽ پي ٽي آءِ صبح جو چون ٿا ته پاڪستان ڊفالٽ ٿيڻ وارو آهي.لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته مون پاڪستان جي ڪنهن دشمن کان اهو نه ٻڌو آهي ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري رهيو آهي، عمران نيازي جي ذريعي حڪومت مسلط ڪئي وئي.هن چيو ته 2019ع کان 2022ع تائين پاڪستان جي معيشت مسلسل زوال پذير رهي، وفاقي حڪومت جا سمورا وسيلا قرضن جي ادائيگي ۾ وڃن ٿا، قومي قرضن جي ادائيگي ۾ 1700 ارب رپيا ادا ڪيا پيا وڃن،احسن اقبال جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش ناهي، پاڪستان جي معيشت تي سياست نه ٿي ڪري سگهجي، گذريل حڪومت جي ڪاررواين سبب دهشتگردي ٻيهر جنم ورتو آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان مسلسل اهو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڊفالٽ ٿيڻ لڳو آهي، هي جنگ هائبرڊ وار آهي، اسان ڪنهن به مصلحت هيٺ حڪمراني نه ڪري رهيا آهيون.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي خبر آهي ته هنن ملڪ سان ڇا ڪيو، جيڪڏهن هو ملڪ نٿا ٺاهي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو وات بند ڪن، پي ٽي آءِ ۽ عمران نيازي کي نشانو بڻائي پاڪستان لاءِ مايوسي پکيڙي رهيا آهن.هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان عالمي سطح تي امداد نه ڏيڻ جي اها مهم هلائي رهيو آهي، ڇا اها پاڪستانيت آهي؟ هنن ملڪي معيشت جي بحاليءَ جو چيلنج قبول نه ڪيو آهي ۽ سياسي فيصلا ڪيا آهن، هو مسلسل ٻوڏ متاثرن جي امداد روڪڻ جي مهم هلائي رهيا آهن.ن ليگ اڳواڻ چيو ته پنجاب ۾ بلدياتي ادارن ۽ نمائندن کي ڪنهن معطل ڪيو، اسان کي فوري طور تي توهين عدالت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عمران خان ۽ عثمان بوزدار عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪير به پڇڻ وارو ناهي.رٿابندي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته عمران خان پاڪستان خلاف بدگماني ۽ مايوسي پکيڙي رهيو آهي، پي ٽي آءِ قيادت ٻوڏ متاثرن جي عالمي امداد روڪڻ لاءِ مهم هلائي رهي آهي، 2018ع ۾ پنجاب ۾ عوام ن ليگ کي مينڊيٽ ڏنو هو، اهو مينڊيٽ کسي ورتو ويو.هن چيو ته عمران خان ۽ عثمان بوزدار مڪاني ادارن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ٻنهي 7 مهينن تائين سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو، عدالت نوٽيس وٺي ته هڪ شخص آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته لاهور جي ماسٽر پلان ۾ ريئل اسٽيٽ مافيا کان پئسا وٺي گرين ايريا کي اڏايو ويو، وٽن مينڊيٽ نه هو.احسن اقبال جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارن کي خبر آهي ته هنن ملڪ سان ڇا ڪيو، پي ٽي آءِ وارا اسان کي نه پر پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن.










