شرجيل ۽ ناصر شاهه خلاف پنجاب ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

شرجيل ۽ ناصر شاهه خلاف پنجاب ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه خلاف پنجاب ۾ هارس ٽريڊنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ واري معاملي تي اسان جي عدالت کان درخواست آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڪم کان روڪيو وڃي، عدالت جائزو وٺي ۽ پنهنجو فيصلو ڪري.سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن اسان ٻه ايم پي ايز ارشده بيگم ۽ فرحت فاروق ميڊيا تي آيا ۽ انهن واضح طور تي چيو ته ناصر علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ذريعي سان اسان سان رابطو ڪيو ۽ پئسن جي آڇ ڪئي وئي، هي معاملو ڪرپٽ پرئڪٽس ۾ اچي ٿو ۽ انتهائي سنگين ڏوهه آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي پنجاب ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. فواد چوڌري چيو ته اسان جي رحيم يار خان مان چونڊيل ايم پي اي خواجه مسعود جنهن پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏنو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين کيس نااهل ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پي ٽي آءِ به ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، اسان ان حوالي سان اسپيڪر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته خواجه مسعود کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن ريفرنس اُماڻي ڇڏي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، ان جي سنجيدگيءَ جو عالم اِهو آهي ته جيڪو صوبو سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر آهي ان کي ئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو