نيب  اسحاق ڊار کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو، منجمد اثاثا بحال

نيب اسحاق ڊار کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو، منجمد اثاثا بحال

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي نيب طرفان وڏو رليف ملي ويو، نيب جي حڪم تي ضلعي انتظاميه لاهور اسحاق ڊار جا منجمد اثاثن کي بحال ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ضلعي انتظاميه ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي جڳهه 7 ايڇ گلبرگ ٿري هجويري هائوس سپرداري ڪرائي ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميه طرفان اسحاق ڊار جي بئنڪ اڪائونٽس کي بحال ڪرڻ لاءِ بئنڪ انتظاميه کي خط به لکيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه نجي بينڪن ۾ اسحاق ڊار جي اڪائونٽس کي بحال ڪرڻ جي لاءِ به بئنڪ انتظاميه کي خط لکي ڇڏيو آهي. لاهور انتظاميه موجب نيب پاران ٻيهر لکيل خط جي تصديق تي هڪ گهر جي سپرداري ڪرائي ڇڏي آهي نيب جي حڪم تي اسحاق ڊار جي اڪائونٽس جي بحالي لاءِ خط پڻ اماڻي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو