عمران خان بلاول زرداري جي اعصاب تي سوار آهي: محمد علي سيف

عمران خان بلاول زرداري جي اعصاب تي سوار آهي: محمد علي سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته عمران خان بلاول زرداري جي اعصاب تي سوار آهي.پشاور مان جاري ڪيل بيان ذريعي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان محمد علي سيف پي ٽي آءِ چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.سندس چوڻ آهي ته پنهنجي والده جي ورسي تي به بلاول ڀٽو زرداري عمران خان تي تنقيد ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته بينظير ڀٽو خلاف سياست ڪئي، اڄ زرداري جو پٽ ساڻس گڏ ويٺو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ بلاول کي سنڌ جي حالت تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن سنڌ ٻوڏ ۾ ٻڏي رهي هئي ته توهان پرڏيهي دورن ۾ مزو وٺي رهيا هئا.خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ سبب پکڙجندڙ بيمارين سبب مري رهيا آهن، دادو جي اسپتالن ۾ مريض زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو