ليڊر ۽ پوئلڳ بشني آهن، 75 سالن جو گند هڪ شخص ۾ جمع: خواجا

ليڊر ۽ پوئلڳ بشني آهن، 75 سالن جو گند هڪ شخص ۾ جمع: خواجا

لاهور (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان پنهنجي پوليٽيڪل ڪيپيٽل جو نقصان ڪيو آهي، بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، چونڊون وقت تي ٿينديون. لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اهو شخص ڪو ڪم پنهنجي مال تي ناهي ڪندو، ليڊر به کيسا ڪٽيندو آهي ۽ پوئلڳ به بشني آهن، اهي 50 ڪروڙ رپيا ماهوار حڪومت کان وٺي رهيا آهن، انهن جون استعيفائون منظور ڪيو.هن چيو ته خيرات جي پئسي کي سياست ۾ استعمال ڪيو ويو، جنهن هٿ هن کي کارايو آهي، هن ان کي ئي ڪَپيو آهي، هي سڄو ملبو مرشد تي وجهي ڇڏيندو، ان شخص جي وفاداري دولت ۽ اقتدار سان آهي.سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ رولڙو آهي، ڪي پي ۾ استعيفائون ڇو نٿا ڏيو؟ ٻڌو آ ته جنهن ڏينهن پرويز الاهي ڊي نوٽيفاءِ ٿيو، ان ڏينهن هڪ شخص اسپتال مان گم ٿي ويو.خواجا آصف چيو ته نيب جا فيصلا اهو ئي ڪري رهيو هو، 75 سالن جو گند هڪ شخص ۾ جمع ٿي ويو آهي، آهستي آهستي ان جو چهرو سامهون اچي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو