بجلي جي طلب ۾ واضح گهٽتائي باوجود لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو

بجلي جي طلب ۾ واضح گهٽتائي باوجود لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور)ويب ڊيسڪ) بجلي جي طلب ۾ واضح گهٽتائي باوجود لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ليسڪو 2 کان 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو شيڊول ڪيو آهي، لوڊشيڊنگ جو فيصلو ڪمرشل ۽ گهريلو فيڊرز تي لاڳو هوندو.ذريعن موجب ڪيٽيگري 1 کان 3 جي فيڊرز تي روزانو 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي ۽ لوڊشيڊنگ جو مدو صبح 7 وڳي کان شام 7 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته هاءِ لاسز وارن فيڊرز تي 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.ذريعن موجب ليسڪو ۾ بجلي جي طلب 2400 ميگاواٽ آهي پر صنعتي يونٽن کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو