لاهور(ويب ڊيسڪ)ق ليگ اڳواڻ ڪامل علي آغا الزام مڙهيندي چيو ته ن ليگ هميشه واعدا ٽوڙيندي آهي.ڪامل علي آغا جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) کي جڏهن به ڏک پهچندو آهي ته انهن جا پير پڪڙي، ڏک مان ٻاهر نڪرندا آهن ۽ ڳچيءَ ۾ ويهندا آهن.سندس چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي هميشه چيو آهي ته عمران خان جڏهن به چوي ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو.مسلم ليگ ق جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان سموريون رڪاوٽون دور ڪري عمران خان جي حڪم تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا.ڪامل علي آغا جو اهو به چوڻ آهي ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا اتحادي آهيون، هو جيڪو به چوندا اهو ڪنداسين.










