اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ڪشمير بابت سندس اهم بيان پڻ شيئر ڪيو.صدر عارف علوي پنهنجي قائداعظم محمد علي جناح جي 146هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي چيو ته اڄ قائد جي جمهوري قدرن جي ويزن کي برقرار رکڻ جو عزم ڪريون ٿا، عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي قائد جي فرمان تي عمل ڪنداسين. اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط تي عمل ڪندي خوشحالي ۽ ترقي ڏانهن سفر ڪيو.هن چيو ته اڄ اسان عهد ڪريون ٿا ته صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪنداسين ۽ قائداعظم جي حڪم تي عمل ڪندي ملڪ کي مستحڪم ڪنداسين.صدر پاڪستان چيو ته قائداعظم چيو هو ته ڪشمير پاڪستان جي شہ رگ آهي، ڪا به قوم پنهنجي شہ رگ دشمن جي هٿ ۾ وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪيو.










