استعيفائن جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي بدران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

استعيفائن جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي بدران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيڻ ۽ استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز موجب پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ سان ئي رابطو ڪندي.هن چيو ته حڪومت تڪڙ ۾ اجلاس گهرائي سازشي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو، حڪومت هڪ ڏينهن اجلاس ملتوي ڪري تڪڙ ۾ اجلاس گهرايو، حڪومتي حڪمت عملي سازش ذهنيت جي عڪاسي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو