اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيڻ ۽ استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز موجب پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف استعيفائن جي منظوري لاءِ سپريم ڪورٽ سان ئي رابطو ڪندي.هن چيو ته حڪومت تڪڙ ۾ اجلاس گهرائي سازشي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو، حڪومت هڪ ڏينهن اجلاس ملتوي ڪري تڪڙ ۾ اجلاس گهرايو، حڪومتي حڪمت عملي سازش ذهنيت جي عڪاسي آهي.










