ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپيو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر به مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 225 رپيا 25 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 224 رپيا 12 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان سامهون آيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 40 پوائنٽن جي واڌ سان 39873 تي پهچي ويو.










