ميانوالي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت صحت ڪارڊ جي فنڊنگ نه پئي ڪري، جنهن سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. مدر اينڊ چائلڊ هاسپيشل ميانوالي جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هيلٿ انشورنس صحت ڪارڊ اسان جي حڪومت جو بهترين قدم هو.هن چيو ته موجوده حڪومت ان کي رڳو ان ڪري نظرانداز نه ڪري ته اهو پي ٽي آءِ جو ڪارنامو آهي، موجوده حڪومت صحت ڪارڊ جي فنڊنگ نه پئي ڪري، جنهن سان مسئلا جنم وٺي رهيا آهن.










