بنون آپريشن ڪامياب، دهشتگرد مارجي ويا، ٻه شهادتون ٿيون: خواجا

بنون آپريشن ڪامياب، دهشتگرد مارجي ويا، ٻه شهادتون ٿيون: خواجا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ ۾ سمورا دهشتگردي مارجي ويا، جڏهن ته ٻه شهادتون ٿيون.پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، خيبر پختونخواهه ۾ وڌيڪ دهشتگردي ٿي رهي آهي، صوبائي حڪومت ذميوار هئي پر اها عمران خان وٽ يرغمال بڻيل آهي هن چيو ته اها صوبائي حڪومت جي ناڪامي آهي، ان جا فنڊ، هيلي ڪاپٽر عمران خان استعمال ڪندو آهي، ڪٿي آهن خيبر پختونخواهه جا حڪمران؟ بنون حملي بابت ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بنون ۾ 20 ڊسمبر تي ساڍي 12هين وڳي ايس ايس جي آپريشن شروع ڪيو، سڀ دهشتگرد مارجي ويا آهن، سي ٽي ڊي ڪمائونڊ ۾ 31 گرفتار دهشتگرد موجود هئا، هڪ هٿيار کسي ورتو ۽ يرغمال بڻائي ورتو. سندس چوڻ هو ته بنون واقعي ۾ ٻه شهادتون ٿيون، سڀني يرغمالين کي ڇڏايو ويو آهي، آپريشن ۾ 15 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿيا، خيبر پختونخواهه جي حڪومت ٽوٽل ڪوليپس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو