عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ نٿو چاهي: طلال چوڌري

عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ نٿو چاهي: طلال چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ نه ٿو چاهي، سندس نااهلي صاف ظاهر آهي.هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته عمران خان رڳو ڌمڪيون ڏئي پنهنجا ذاتي ڪيس ٻڌائڻ چاهي ٿو.هن چيو ته شهباز شريف مشڪل معيشت کي صحيح طريقي سان سنڀالي رهيو آهي، وفاقي حڪومت تي اعتماد آهي ۽ حڪومت وٽ گهربل اڪثريت آهي.طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان عوام لاءِ معاشي آسانيون پيدا ڪيون ۽ ملڪي معيشت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي معيشت نگران حڪومت برداشت ڪري سگهي ٿي ته اسان ٺاهي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو