بلوچستان جون وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿين پيون: اسد عمر

بلوچستان جون وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿين پيون: اسد عمر

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيون آهن.ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سڄو پاڪستان چونڊن طرف وڃي رهيو آهي، عمران خان 2 اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، ان وقت پي ٽي ايم جي صفن ۾ تمام گهڻي پريشاني آهي.هن چيو ته ٻاهرين مداخلت ذريعي درآمدي حڪومت مسلط ڪئي وئي، اليڪشن جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ بلوچستان آيو آهيان، بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي وئي.اسد عمر جو چوڻ آهي ته اسان جي حڪومت بلوچستان لاءِ 600 ارب رپين کان وڌيڪ جو پيڪيج ڏنو، ژوب هاءِ وي عمران خان جو منصوبو هو، ٻڌو هو ته شهباز شريف ان جو افتتاح ڪرڻ آيو هو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بلوچستان کي حق ڏنا ويا ته ان کي ترقي ڪرڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، عمران خان جي حڪومت ايندي ته بلوچستان کي حق ملندا.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر به چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ته تيار آهيون، چونڊن کان پوءِ بغير ڪنهن ڳالهه جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو