لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي. زمان پارڪ لاهور ۾ ٿيل ملاقات ۾ مونس الاهي ۽ حسين الاهي به شريڪ ٿيا، ملاقات دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پرويز الاهي چيو ته عمران خان جي هر فيصلي جو ساٿ ڏينداسين، اسيمبلي عمران خان جي امانت آهي ۽ اها امانت کيس واپس ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان مخالفن جي سياست کي زيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ افواهه پکيڙيندڙ اڳ جيان هاڻ به ناڪام ٿيندا. ان حوالي سان مونس الاهي چيو ته عمران خان جي هر ڳالهه تي عمل ڪنداسين، اسان جو اتحاد اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي.










