اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي بيان تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ خاص مددگارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ حڪومتي ۽ سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي به حڪومتي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف حڪومت جون خاميون اجاگر ڪيون وينديون.وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ دور جي معاشي خامين کي به اجاگر ڪيو وڃي.










