اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم خان سواتي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي اڄ به محفوظ فيصلو نه ٻڌايو ويو.نئين مقرر ٿيل جج اعظم خان اڃا تائين اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد جي عهدي جو چارج ناهي ورتو، اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي ۽ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد روانو ٿي ويا.اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.










