استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر کي خط، ملاقات لاءِ وقت ڏيو، قريشي

استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر کي خط، ملاقات لاءِ وقت ڏيو، قريشي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي تحريڪ انصاف جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات جو وقت گهري ورتو آهي. شاهه محمود قريشي خط ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن اسپيڪر وٽ پيش ٿي استعيفائن جي تصديق ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت کي سازش تحت هٽائي امپورٽڊ حڪومت کي مڙهيو ويو اسان قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ ڏنا پر اهي استعيفيٰ اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه اماڻيا ويا. استعيفائن جي منظوري ۾ سليڪٽيڊ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون. چونڊيل مميبرن جي استعيفائن جي منظوري کي سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو ويو.شاهه محمود قريشي چيو ته اسپيڪر حڪومت جي چوڻ تي غيرقانوني ۽ آئين کان هٽي فيصلو ڪيو. اسيڪر کي پي ٽي ميمبرن جي استعيفائن جي تصديق لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. اسپيڪر چاهي سڀني کي گڏ گهرائي يا هڪ هڪ ڪري گهرائي. پنهنجي صحيح سان اسپيڪر کي خط اماڻي ڇڏيو آهي.ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ غلط بياني ڪئي. چيو ويو ته پي ٽي ميمبر استعيفائون ڏئي چڪا آهن ان باوجود هو پگهارون کڻي رهيا آهن. اپريل کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر کي پگهار ناهي ملي. شڪ آهي ته حڪومتي ميمبر پي ٽي آءِ جي نالي تي پگهارون ڪڍي کائي نه ويا هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو