باجوا جو اين آر او 2 جي گنگا  ۾ سڀئي ڪرپٽ صاف پيا ٿين: عمران خان

باجوا جو اين آر او 2 جي گنگا ۾ سڀئي ڪرپٽ صاف پيا ٿين: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الزام لڳايو آهي ته پاڪ فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ڪرپٽ ٽولي کي اين آر او ڏنو، اڄ سمورا ڪرپٽ ڌوئي پيا آهن.ويڊيو لنڪ ذريعي سڄي ملڪ ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ سان اصل ظلم جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا چورن کي اين آر اي 2 ڏئي ڪري ڪيو، چور اسان تي مسلط نه ڪيا ويا، هاڻي سڀ ڪجهه اين آر او جي گنگا ۾ ڪرپشن ڌوئي رهي آهي.عمران خان چيو ته مقصود چپراسي ڪيس ۾ مفرور سليمان شهباز به واپس اچي ويو آهي، هو اسان کي ليڪچر ڏئي رهيو آهي جڏهن ته نوازشريف وطن واپسي جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، آصف زرداري خلاف ڪرپشن جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، سندس ڀيڻ به ڪليئر ٿي چڪي آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته انسان جي سماج ۾ انصاف هوندو آهي جڏهن ته جانورن جي سماج ۾ اقتدار جي راڄ هوندو آهي، جيڪي سماج خوشحال هوندا آهن اتي سڀ کان وڌيڪ انصاف هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو