لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ بابت قانوني مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.پي ٽي آءِ ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي سمورن قانوني ۽ آئيني معاملن کان آگاهه ڪيو، عمران خان قانوني ماهرن جي راءِ به نوٽ ڪئي. ذريعن موجب عمران خان قانوني ماهرن کان مختلف قانوني معاملن تي سوال به پڇيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ماهرن عمران خان کي ٻڌايو ته آئين موجب گورنر جي سمري اچڻ کانپوءِ 48 ڪلاڪن اندر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندي آهي.ذريعن موجب عمران خان اسيمبلين کي ٽوڙڻ واري معاملي تي 3 هفتن کان وڌيڪ عرصي تائين مختلف قانوني ماهرن سان صلاح مشورا ڪيا، عمران خان اڄ ۽ سڀاڻي پارٽي اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان وڌيڪ مشاورت ڪندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته عمران خان 17 ڊسمبر تي لبرٽي چوڪ تي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ٻين معاملن تي جلسو ڪندو.










