نيب پاران مريم نواز ۽ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو

نيب پاران مريم نواز ۽ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پراسيڪيوشن برانچ کي به نيب جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان نيب طرفان پراسيڪيوشن برانچ کي موڪليل خط به سامهون آيو آهي.نيب راولپنڊي مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ رصفدر جي بريت خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 سيپٽمبر 2022 تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي مريم نواز کي بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو