ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ناهي پر هنن جي نيت صاف نظر نه پئي اچي، عارف علوي ڪوششون ڪيون پر هاڻ هو مايوس ٿي چڪو آهي.خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان اسيمبليون ٽورڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، عمران خان پارٽي اڳواڻ سان گھڻي تيزي سان مشاورت ڪري رهيو آهي، اسان بلڪل ڪليئر آهيون ته هنن وٽ ڪو پلان ناهي.ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائنيدي هن جو چوڻ هو ته حڪمران رڳو گفتگو ڪري رهيا آهن، هي بلڪل سنجيده ناهن، ڳالهين کان ڪو انڪار نٿو ڪري پر حڪمرانن جي نيت صاف نه پئي نظر اچي.هن چيو ته هن 7،8 مهينن ۾ ماڻهن معيشت جي حالت ڏٺي آهي، ملڪ ۾ گورننس نالي ڪا شيءِ ناهي، هي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ اقتدار کي گھلي رهيا آهن، ڊگھي بحث مباحثي کانپوءِ مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، اڄ هن معاهدي کي اسحاق ڊار اون نٿو ڪري سگھي. سندس چوڻ هو ته 5،7 مهينن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، هي ماڻهو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ملڪ کي داءَ تي لڳائي رهيا آهن، اسان ته ڪنهن جي پٺيان نٿا پوڻ چاهيون، افغان معاملي تي بلاول بلڪل لاتعلق ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، بلاول کان پڇيو ڪيترا ڏينهن آفيس ۾ ويهندو آهي؟ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف جي واپسي بابت راءِ جو اظهار ڪندي هن چيو ته جيستائين سمورو بندوبست نه پيو ٿئي نواز شريف واپس نه ايندو.










