اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد شڪي ماڻهن جي پيڇو ڪرڻ ۽ ڌمڪين تي صدر عارف علوي کي خط لکي ڇڏيو.مراد سعيد خط ۾ شڪي ماڻهن جي پيڇو ڪرڻ ۽ ڌمڪين جا تفصيل ڏنا ۽ چيو ته مون کي ڊپ ناهي، حق جي ڳالهه ڪندو رهندس.هن خط ۾ لکيو آهي ته سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، آگسٽ کان هن وقت تائين ڪيترائي ڀيرا جان سان مارڻ جي رٿابندي ڪئي وئي ۽ کيس اختيارين پاران هر هر ٻڌايو ويو ته سندس جان کي خطرو آهي.خط جي متن موجب 12 جولاءِ تي ارشد شريف به توهان کي خط لکيو هو پر ڪنهن نوٽيس نه ورتو نه ئي ارشد شريف جي خدشن کي سنجيدگي سان ورتو ويو تنهن ڪري اميد آهي ته ارشد شريف جي خط جي حوالي سان ٿيل غفلت کي ٻيهر نه دهرايو ويندو.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم تي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر تائين داخل ناهي ٿي سگھي، انصاف جي اميد ڏکئي آهي.مراد سعيد خط ۾ مطالبو ڪيو ته صدر عارف علوي معاملي تي نوٽيس ۽ ضروري ايڪشن کڻي.










