جنرل (ر) باجوه اوهان جو محسن هو، اوهان محسن ڪش نڪتا: وزيراعظم

جنرل (ر) باجوه اوهان جو محسن هو، اوهان محسن ڪش نڪتا: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جنرل (ر) باجوه منهنجو محسن هو، هو مفادپرست نڪتو، هو چاهي ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ ٿئي پر پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو.اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت اسان جي خاندان کي بدنام ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي ۽ اسان جي خاندان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا پر برطانيا جي اين سي اي جي جاچ ۾ الله اسان کي عزت ڏني ۽ اسان صاف ٿي ويا هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، ٽن سالن کانپوءِ ڊيلي ميل اسان کان غير مشروط معافي گهري، ڊيلي ميل وارن تاخير جا حربا استعمال ڪيا.هن چيو ته ڊيلي ميل مون کان نه پر پوري پاڪستاني قوم کان معافي گهري آهي، هاڻي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويو آهي، عمران نيازي امداد ڏيندڙن کي پيغام ڏنو ته پاڪستان کي هڪ رپيو به نه ڏيو.شهباز شريف چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف آڏو پنهنجون ڳليون ڳڙڪائڻيون پيون ڇو ته اهو اسان تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪري ڇڏي، عمران پنهنجي آخري ڏينهن ۾ اسان لاءِ ڪانٽو لڳايو.وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران نيازي دوست ملڪن کي ناراض ڪري لاڳاپا خراب ڪيا آهن، ٻئي طرف سعودي ولي عهد اڳوڻي وزيراعظم کي ڪعبي جي ماڊل واري واچ ڏني هئي ۽ اها واچ وڪرو ڪئي وئي هئي، جنهن ماڊل جي واچ وڪڻي ڇڏي. عمران نيازي شرمناڪ ڪم ڪري پاڪستان کي بدنام ڪيو، واچ وڪرو ڪري جعلي رسيد ڏيکاري فراڊ ڪيو.هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي ڀيڻ کي معافي ڏني ۽ اين آر او حاصل ڪيو، چئن سالن ۾ هن مخالفن تي ڪوڙ، بدديانتي، انا ۽ ڪيسن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو.هن چيو ته عمران نيازي پهريان کنڊ ۽ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي ۽ پوءِ مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪئي، توهان پنهنجي دور جي وڏن اسڪينڊل جو احتساب ڪيو، توهان چاهيو ٿي ته پاڪستان ڊفالٽ ٿئي، انشاءَ الله پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو، عمران خان هن قوم کي ڌوڪو ڏنو. 190 ملين پائونڊ جو، ان کان وڏو فراڊ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڪابينا کي سيل بند لفافو ڏيکاريندي منظوري ورتي وئي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي واچ عمران خان جي ناهي، 22 ڪروڙ عوام جي عزت آهي، عمران پاڪستان ۽ مذهب جو تمام گهڻو نقصان ڪيو.هن چيو ته عمران خان، جنرل (ر) باجوه توهان جو محسن آهي، توهان محسن ڪشي ٿي ويا، هو رٽائر ٿي چڪو آهي، هاڻي کيس آرام سان رهڻ ڏيو، نئون آرمي چيف پروفيشنل آهي.صدر سان ناڻي واري وزير جي ملاقات تي شهباز شريف چيو ته اسحاق ڊار منهنجي اجازت سان صدر هائوس ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.هن چيو ته ملڪ جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا پر جيڪي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون؟ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي انا کي مارڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪابينا جا 20 سيڪڙو کان وڌيڪ فيصلا سرڪيوليشن ذريعي ڪيا آهن ته ذميوار مان آهيان، پي ٽي آءِ بيڊ گورننس ۾ نئين مثال قائم ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو