پي ٽي آئي جو اجلاس ،پنجاب اسيمبلي کي پهرين مرحلي ۾ ٽوڙڻ جو فيصلو

پي ٽي آئي جو اجلاس ،پنجاب اسيمبلي کي پهرين مرحلي ۾ ٽوڙڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راولپنڊي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ويندي، پي ٽي آءِ ميمبر ٻيهر قومي اسيمبلي ايوان ۾ پيش ٿيندا ۽ استعيفيٰ ڏيندا.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو.اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته پ پ حڪومت جي ناقص پاليسين ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو جلد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو