لاهور(ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر امل ولي خان کي قتل جون ڌمڪيون مليون آهن.صوبائي ترجمان اي اين پي ثمر بلور جو چوڻ آهي ته ايمل ولي کي موبائيل فون تي ڌمڪي واري ڪال آئي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته ايمل ولي کي مارڻ جو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي. ثمر بلور وڌيڪ چيو ته اسان جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن حڪومت سڪيورٽي نه ڏئي سگهي ته پوءِ اسان پنهنجي پارٽي جي بزرگن جو تحفظ پنهنجي هٿ ۾ وٺنداسين، اسان کي به هٿيار کڻڻا پوندا ۽ قانون ٽوڙڻو پوندو.گذريل ڏينهن اي اين پي جي صوبائي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته امل ولي خان کي دهشتگردن کان خطرو آهي، رياست، حڪومت ۽ دهشتگردن جا همدرد ڄاڻن ته امل ولي خان اسان جي ولي باغ جو سياسي وارث آهي. اسان کي شڪايت نه ڪريو جيڪڏهن ايمل ولي کي ٿورو به نقصان پهچايو وڃي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهي خبرون آيون هيون ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اي اين پي جي پارلياماني ليڊر سرداد حسين بابڪ کي به ڌمڪيون مليون آهن.










