اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله جي بريت تي شڪريو ادا ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته الله ۽ رسول جو قسم کڻندڙ ڪوڙن کي اڄ توبه ڪرڻ گهرجي، وقت جي جج سچ ۽ ڪوڙ، بيگناهه ۽ مجرم جي وچ ۾ واضح لڪير ٺاهي ڇڏي آهي.شهباز شريف چيو ته راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات جو ڪوڙو ڪيس سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي.










