سکر(امداد علي ڪلوڙ) راندين بابت سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار بنگل خان مھر ڳوٺ حاجي مغل خان ڪلوڙ ۾ پھچي قومي اسمبلي جي تڪ 205 ۾ چيف سردار محمد بخش خان مهر جي ڪاميابي تي ڊاڪٽرشمس الدين ڪلوڙ، غلام رسول ڪلوڙ ظھيراحمد ڪلوڙ، آفتاب احمدڪلوڙ ، ظفراحمد ڪلوڙ، جھانگير احمد ڪلوڙ، ايازاحمد ڪلوڙ ۽ ڪلوڙ برادري جو شڪريو ادا ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بنگل خان چيو ته انشاالله اسان عوام جي اميدن تي پورو لهندا سين ۽ چيف سردار محمد بخش خان مھر جلد سنڌ حڪومت کان گھوٽڪي لاء سٺو پڪج وٺندو ۽ بيروزگاري گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسين هر ڏک سک ۾ گهوٽڪي جي عوام سان گڏ ھونداسين. ياد رهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ اهو پهريو موقعو آهي ته ڪامياب اميدوار پاران اليڪشن کٽڻ بعد شڪريو ادا ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي، اڳ ۾ سردار محمد بخش خان مهر سرحد ۽ گهوٽڪي جي شهرن ۾ عام ماڻهن جو شڪريو ادا ڪندي عام رڪشي وارن، دڪاندارن، غريبن، مسڪينن، واٽهڙن کي اجرڪ، پئسن ۽ گلن جا هار پارائي شڪريو ادا ڪيو هو. هن جو چوڻ آهي ته هو جنهن به ڳوٺ ۾ ووٽ وٺڻ ويا هئا، انهن وٽ شڪريو ادا ڪرڻ ويندا.










