ووٽ ڏيڻ تي مهرباني، بنگل خان ڳوٺ مغل ڪلوڙ پهچي ويو

ووٽ ڏيڻ تي مهرباني، بنگل خان ڳوٺ مغل ڪلوڙ پهچي ويو

سکر(امداد علي ڪلوڙ) راندين بابت سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار بنگل خان مھر ڳوٺ حاجي مغل  خان ڪلوڙ ۾  پھچي قومي اسمبلي جي تڪ 205  ۾ چيف  سردار محمد بخش خان مهر جي ڪاميابي تي ڊاڪٽرشمس الدين ڪلوڙ، غلام رسول ڪلوڙ ظھيراحمد ڪلوڙ، آفتاب احمدڪلوڙ ، ظفراحمد ڪلوڙ، جھانگير احمد ڪلوڙ، ايازاحمد ڪلوڙ ۽ ڪلوڙ برادري جو شڪريو ادا ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بنگل خان چيو ته انشاالله اسان عوام جي اميدن تي پورو لهندا سين ۽ چيف سردار محمد  بخش خان مھر جلد سنڌ حڪومت کان  گھوٽڪي لاء  سٺو پڪج وٺندو ۽ بيروزگاري گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسين هر ڏک سک ۾ گهوٽڪي جي عوام سان گڏ ھونداسين. ياد رهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ اهو پهريو موقعو آهي ته ڪامياب اميدوار پاران اليڪشن کٽڻ بعد شڪريو ادا ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي، اڳ ۾ سردار محمد بخش خان مهر سرحد ۽ گهوٽڪي جي شهرن ۾ عام ماڻهن جو شڪريو ادا ڪندي عام رڪشي وارن، دڪاندارن، غريبن، مسڪينن، واٽهڙن کي اجرڪ، پئسن ۽ گلن جا هار پارائي شڪريو ادا ڪيو هو. هن جو چوڻ آهي ته هو جنهن به ڳوٺ ۾ ووٽ وٺڻ ويا هئا، انهن وٽ شڪريو ادا ڪرڻ ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو