سرڪاري ملازم صحافين کي هٽايو وڃي، ڇلگري

سرڪاري ملازم صحافين کي هٽايو وڃي، ڇلگري

ٽنڊو باگو(رپورٽ سهيل سمون) ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد سوائي خان ڇلگري ٽنڊو باگو پريس ڪلب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ٽنڊو باگو پريس ڪلب عوام دوست پريس ڪلب آھي ۽ هتان جا صحافي دوست پوري ضلعي جو آواز بڻيل آھن. ھن چيو ته سنڌ جا صحافي پنھنجون ذميواريون ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي رھيا آھن، ھن چيو ته سنڌي پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ جي عوام جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۾  پنھنجو ڪردار نھايت ئي ايمانداري سان ادا ڪري رھي آھي. ھن چيو ته تازو سنڌ  ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت ڪو به سرڪاري ملازم صحافت نه ٿو ڪري سگھي. ھن چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ لاء چيف سيڪريٽري حڪومت سنڌ جي سمورن سرڪاري ادارن کي ليٽر جاري ڪيا آھن ته جيڪي به سرڪاري ملازم صحافي آھن، انھن کي صحافت مان فورن ڪڍيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف توھين عدالت تحت ڪاروائي ٿي سگھي ٿي. ھن چيو ته پريس ڪلبن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنھنجن ادارن پريس ڪلبن مان سرڪاري ملازم صحافين کي نيڪالي ڏين ٻئي صورت ۾ سندن خلاف به توھين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگھي ٿي. ھن چيو ته سرڪاري ملازم صحافين جي خلاف فيصلو عدالت سڳوري جو آھي ان فيصلي تي ھر حال ۾ عمل ڪرايو ويندو. ان موقعي تي صدر پريس ڪلب ٽنڊو باگو نصرالله جروار ، جنرل سيڪريٽري انور علي عباسي، سينئر نائب صدر  عثمان راھوڪڙو، خزانچي محمد يوسف ميراڻي، ايگزيڪٽو ڪميٽي جو ميمبر  محمد سليم ميمڻ  نوجوان صحافي بلاول پٺاڻ ڊائيريڪٽر انفارميشن حيدرآباد ريجن سوائي خان ڇلگري کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو