ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اپوزيشن وارا نڪتا هئا حڪومت ڪيرائڻ پر هاڻي سندن جا پنهنجي ڳچين ۾ هٿ آهن. جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته اسانجي ليڊر عمران خان جي جدوجهد سبب ملڪ ۾ خوشحالي اچي پئي، 2021 ترقي جو سال هوندو. ماضي ۾ سياستدانن پيسو لٽيو ۽ ٻاهر موڪليو. عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن ٻاهران سڄي ملڪيت پاڪستان آندي. حليم عادل شيخ چيو ته اڄ ايڪسپورٽ وڌي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ بلند سطح تي آهي، ڊالر 22 مهينن جي گهٽ سطح تي آيو روپيو مضبوط ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت جو ڦيٿو هلي پيو آهي 2021 مارچ ۾ گاڏين جي رڪارڊ سيل ٿي آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادري ٽيڪس ادا ڪري پئي جيڪو حڪومت تي وڏو اعتماد آهي ته عمران خان ايماندار آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي موت مري چڪو آهي.










