ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ اهم اجلاس

ڪراچي (رپورٽ شهزادو مستوئي)ڪراچي ۾ وڌندڙ ڏوهن ڦرن چورين ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان اهم اجلاس طلب ،اجلاس جي صدارت ايڊيشنل آئي جي ڪراچي پوليس غلام نبي ميمڻ ڪئي جنهن ۾ ڪراچي ضلعي جي مختلف ايس ايس پي سميت ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن ڦرن چورين ۽ منشيات جي خاتمي ڪيسن ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري ۽ حساس هنڌن تي سي سي ٽي وي  ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شهر جي مختلف علائقن ۾ 37 هزار کان وڌيڪ ڪيمرائون لڳايون ويون آهن شهرن جي جان مال جي حفاظت سميت امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ ڪراچي پوليس جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، پوليس چيف غلام نبي ميمڻ، تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ ڏوهارين خلاف سختي سان منهن ڏيڻ ۽ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان ايڊيشنل آئي جي ڪراچي پاران اهم اجلاس طلب ڪيو ويو اجلاس ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن جي ايس ايس پي سميت ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مختلف ايس ايس پي پنهنجي علائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ پاران ضلعي جي امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي اجلاس ۾ ڏوهارين خلاف سخت قدم کڻڻ ٿاڻن ۾ هلندڙ پوليس جي روين ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن ۾ روپوش جوابدارن جي فوري گرفتاري ڪرونا وائرس کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو سنڌ حڪومت جي فيصلن  ايس او پيس تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ ڪرونا وباءُ سبب متاثر ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو خاص خيال رکڻ ويلفيئر ڊپارٽمينٽ کي متاثر پوليس وارن جي سهائتا سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي اجلاس ۾ ملڪ جي ٻين صوبن کان ڪراچي ۾ منشيات جي سپلائي بابت ٻين صوبن جي ضلعن جي ايس ايس پين سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪوششون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن منشيات جهڙي موذي مرض پاڙن کان ختم ڪري سگهجي اجلاس ۾ ڊي آئي جي ايڊمن ذوالفقار علي لاڙڪ، ڊ آئي جي انويسٽيگيشن ايجنسي نعمان صديقي، ڊ آئي جي سائوٿ جاويد اڪبر رياض، ڊي آئي جي ويسٽ عاصم قائمخاني، ڊي آئي جي ايسٽ ساقب اسماعيل ميمڻ، ايس ايس پي ملير عرفان علي بهادر سميت ٻين پوليس آفيسرن وڏي انگ شرڪت ڪئي،

پهنجو تبصرو موڪليو