ناصر شاهه پاران اسٽيل ملز مان چوري روڪڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه جو اسٽيل مل يونين اڳواڻن سان ٽيون اجلاس، اجلاس ۾ پيپلز يونٽي جي شمشاد قريشي، انصاف يونين جي سليم گل، جماعت اسلامي يونين جي عاصم ڀٽي سميت متحده ليبر يونين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محنت کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي ۽ محنت کاتي جي سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پهرين اجلاس ۾ ڪيل سمورن فيصلن تي عملدرآمد ڪيو آهي. جن فيصلن تي عمل ناهي ٿيو، ان تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي اسٽيل مل بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جو اسٽيل مل معاملي تي موقف واضح آهي. مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سي سي آئي جي اڄوڪي اجلاس ۾ اهو معاملو کڻندا. مزدورن جي جبري برطرفي ۽ اسٽيل مل  جي پرائيويٽائزيشن روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جلد وفاق کي جامع خط لکندي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته گذريل ڏينهن روس جي وفد جي وزير اعليٰ سنڌ سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اسٽيل مل تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. وزير اعليٰ سنڌ روس جي وفد کي اسٽيل مل جي بحالي لاءِ گذارش ڪئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسٽيل مل معاملي تي جاري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ڌر بڻبي، ته جيئن ڪيس مضبوط ٿي سگهي. ٽريڊ يونين اڳواڻن پاران اسٽيل مل جي اربن روپين اثاثن جي چوري جي شڪايت تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه آئي جي سنڌ کي ٽيليفون فون تي رابطو ڪيو ۽ معاملي جي تحقيقات لاءِ قابل پوليس آفيسر کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڏني . سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسٽيل مل مان اربين روپين جي اثاثن جي چوري سيريس معاملو آهي، غيرجانبدار تحقيقات ڪري جيڪي به ملوث آهن انهن جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪيون وڃن. هن آئي جي سنڌ کي هدايت ڏني ته اسٽيل مل جي اربن روپين جااثاثا محفوظ بنائڻ لاءِ پوليس پڪيٽ قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي پيپلز يونٽي جي شمشاد قريشي چيو ته آصف علي زرداري روس سان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ايم يو ڪيو هيو، پر حڪومت جي مدو پورو ٿيڻ بعد ان تي عمل نه ٿي سگهيو. گذارش آهي ته روس جي وفد سان ان ايم يو جي تحت ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي، جيڪا ورڪر دوست آهي. معروف ٽريڊ يونين اڳواڻ ڪرامت علي چيو ته وفاقي حڪومت تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا حڪومت هڪ آرڊيننس جي ذريعي اسٽيِٽ بينڪ کي گروي رکي سگهي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراهه هٽائڻ جي لاءِ آرڊيننس آڻي سگهي ٿي هو اسٽيل مل تي ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. وفاقي حڪومت کي انهيءَ رفتار سان روڪڻ جي ضرورت آهي ٽريڊ يونين اڳواڻن ٻڌايو ته اسٽيل مل جي اربين روپين جا اثاثِا چوري ٿي رهيا آهن. اسٽيل مل جو 100 بسترن جو ميڊيڪل سينٽر بند ڪيو ويو آهي، تعليمي اداره به بند ڪيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو