زرعي تحقيق سنڌ جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٽنڊوڄام (ن سنڌيار) زرعي تحقيق سنڌ جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينھن به احتجاج، ڊي جي آفيس آڏو ڌرڻو.خبر موجب زرعي تحقيق سنڌ جي ملازم تنظيم سنڌ ايگريڪلچر نان گزيٽيٽڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن (سارنگيا) پاران اداري جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري پگھار وڌائڻ، اسٽينو گرافر، ليبارٽري اسسٽنٽ طور ڪم ڪندڙ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ، رھائشي ڪالوني ۾ ٿيل غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ، زرعي يونيورسٽي جي آفيسر کي زرعي تحقيقاتي اداري جو الاٽ ڪيل بنگلو واپس ڪرائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينھن بہ احتجاج جاري رکيو ويو.ملازمن پاران مرڪزي جنرل سيڪريٽري شريف ڪاٺيو، اڪبر سولنگي، نور احمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاٽن سيڪشن کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.انھي موقعي تي احتجاجي ملازم سخت نعريبازي پڻ ڪندا رھيا. انھي موقعي تي ملازم اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته موجوده سيڪريٽري ۽ ڊي جي ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ھميشه ڪوڙا آسرا ڏنا آھن ۽ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدہ ناھن. جنھن ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آھي. ھنن چيو ته ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ شروع ڪيل تحريڪ مسئلن جي حل تائين جاري رھندي.ھنن وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاہه، زراعت جي صوبائي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جا جائز مسئلا فوري حل ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو