سليڪشن بورڊ 2 جو اجلاس، آفيسرن جون ترقيون

سليڪشن بورڊ 2 جو اجلاس، آفيسرن جون ترقيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ پي ايس بي- II جو اجلاس 6 اپريل 2021 تي ٿيو جنهن ۾ گريڊ 18 کان 19 ۽ گريڊ 17 کان 18 جي صوبائي سول سروس آفيسرن کي ترقي ڏيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. صوبائي سول سروسز جي هيٺين آفيسرن کي ڊپٽي سيڪريٽريز (گريڊ 18) ترقي ڏني وئي آهي جن ۾ نسيم عباسي، عبدالله ڏاهري، امتياز خشڪ، عبدالڪريم ملڪ، خليل سراز، نعيم خانزاده، عاصم خان، نصرالله ماڪو، سهيل اشرف، عمران علي سيد، شفقت علي سومرو ۽ خالد ملڪ شامل آهن جڏهن ته هيٺين آفيسرن کي بطور ايڊيشنل سيڪريٽري ترقي ڏني وئي جن ۾ فيصل احسان پيرزادو، شمائله ڪفيل صديقي، اعجاز عالم، شاهنواز، نثار ابڙو، منور سلطان ۽ مهيش دوداڻي شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو