مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي )لاکڙا ڪول فيلڊ جي علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو پٿرن سروٽن لٺين سان حملا علائقو ميدان جنگ بڻيل 8 واٽھڙن سميت ڌرين جا 36 ڄڻا زخمي تفصيل موجب لاکڙا ڪول فيلڊ جي حبيب الله ڪول ڪمپني جي علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان للاڻي کوسو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ٻئي تي لٺين سروٽن پٿرن مڪن لتن سان حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 8 واٽھڙو ۽ ڇڏائڻ لاء ويلن سميت ڌرين جا 36 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ياسين کوسو جي ڌر جا يامين کوسوامير مختيار دلاور علي کوسو عليم فضل الدين سناسي نياز الدين قمرالدين گلاب کوسو گل اميرادين ماڻڪ رشيد شاهد رضوان مصطفين اعجاز نظير کوسو اعجاز نظير علي رضا خادم حسين شاد علي منير علي علي گل شمشاد قاضي شامل ٻي ڌر جي ممتاز پير بخش اڪرم محمد علي شاهنواز پهلوان شاه بخش بخش الدين حيدر بخش حسين علي سڪندر علي رجب علي علي محمد باسط علي غلام علي آصف علي شامل آھن سمورن زخمين کي وارث بنا ٿاڻي جي ليٽر جي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو جتي ڌرين جي 10 کان وڌيڪ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي انڊس ڪول مائينر پوليس موجب سمورن زخمين کي مانجهند جي اسپتال جا ليٽر جاري ڪري ڇاري ڪري ڇڏيا آھن










