پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هئڻ خلاف شهرين پاران احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي )ٽنڊو محمد خان جي يوسي سيد پور ٽڪر جي ڳوٺ نور محمد گوپانگ جي رهواسين پاران پئيڻ جي پاڻي جي صحولت نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي جيئي سنڌ محاذ ٽنڊو محمد خان ضلعي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي قادر شورو خان محمد ڪولاچي سميت ڳوٺاڻن محمد سومار گوپانگ دلدار علي گوپانگ  لال بخش گوپانگ معروف گوپان اشرف گوپانگ سائين ڏنو گوپانگ سميت درزين رهواسين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهري خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ۾ سالن کان پئيڻ جي پاڻي جي تمام گهڻي قلت آھي اسان ڏوران علائقن  کان پئيڻ جو پاڻي ڀري ايندا آھيون ڪڏهن ڪڏهن ته غسل ڪرڻ لا۽ به پاڻي ڪونه هوندو آھي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾  تيل جاي زخيرن جا پڻ کوه آھن بجيٽ به اسان جي ڳوٺ جي رکيل آھي پر سياسي مداخلت جي ڪري هٿ وٺي پئيڻ جي پاڻي جي سهولت تباه ڪئي وئي آھي انهن وڌيڪ چيو ته اسان چونڊيل نمائندن کي بار بار درخواستون ڏنيون آھن پر دلاسن ۽ آسرن ۾ اسان کي رکيو ويو آھي مظاهرين وزير اعظم پاڪستان وزير اعلا سنڌ سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پئيڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ پاڻي نه ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو