ٺري ميرواھ (رپورٽ امتياز علي شر)کرڙاھ، پيروسڻ ڪورڪي ۽ ٻين ڳوٺن کي گيس جي سهولت نه ملڻ خلاف 62 هين ڏينهن به نوجوان اتحاد طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوجوان اتحاد جي اڳواڻن عبدالباسط سومرو، منظور سنڌي، مرتضي ڦل، منٺار سومرو، زاھد مجيداڻو، صدام سنڌي، افضل حاجاڻو، فيصل خان چوھاڻ، غلام مصطفي ڦل، اسد سنڌيار، اوشاق شر، اياز ڦل، زوھيب ڦل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کرڙاھ شھر کان 2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تان گئس جي مين لائين ڪراس ٿيڻ جي باوجود کرڙاھ پيروسڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي گئس جي سھولت نٿي ڏني وڃي جيڪا علائقي واسين سان سراسر ناانصافي آھي جڏھن ته تڪ جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاء تہ گهر گهر اچي وچن واعدو ڪن ٿا پر اليڪشن بعد پنھنجا ڪيل واعدا وساري ويھن ٿا، گيس جي سهولت نه ملڻ ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هن علائقي جون ڪيتريون ئي عورتون ڪاٺين جي دونهين سبب پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ويٺيون آهن، آخر ۾ ھنن وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کان گھر ڪئي ته گذريل ٻن مهينن کان اسين مسلسل سراپا احتجاج آهيون پر اڄ ڏينهن تائين اسان جي احتجاجن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو جيڪڏهن کرڙاھ پيروسڻ ڪورڪي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي گئس جي سھولت نه ڏني وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.










