سکر (جئيرام داس )سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاه صالح پٽ پهچي مقتول صحافي اجي لالواڻي جي والد دليپ ڪمار چاچي هيرانند ۽ٻين سوڳوارن ۽صحافين سان عذرخواهي ڪندي انصاف جي خاطري ڪرائي.ان موقعي تي سيد ڪميل حيدر شاه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻن ۽ صحافي اڳواڻ پڻ موجود هئا, صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاه واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه به اجي لالواڻي قتل جو نوٽيس ورتو آهي اسين مقتول صحافي جي پونئرن ۽ صحافي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون, جهڙي نموني سان وارث ۽ صحافي چاهيندا اهڙي جي آ۽ ٽي ٺاهي ويندي ته جيئن حق انصاف ٿئي ۽ صحافي جو خون رائگان نه وڃي, هن چيو ته صحافين جي مطالبي تي ئي انوسٽيگيشن انچارج امجد شيخ کي بڻايو آهي, سنڌحڪومت چاهي ٿي ته قتل جي اهڙن وارداتن ۾ جيڪي به ملوث آهن اهي ڪيترا به بااثر ڇونه هجن ڪوبه بچي نه سگهندو, بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هداتن تي جي آ۽ ٽي جوڙي وئي آهي, هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اطلاعات چيو ته جتي به صحافين خلاف ان قسم جون ايف آ۽ آرز داخل ٿين ٿيون ته وزير اعلي سنڌ ۽ مان پاڻ آ۽ جي پوليس سان رابطو ڪري تفصيل وٺون ٿا, ڪٿي به غلط ايف آ۽ آر هوندي جاچ کانپو۽ ختم ڪبي ۽ ڪوڙي ايف آر داخل ڪندڙن خلاف ايڪشن ورتو آهي ۽ اڳتي به ورتو ويندو, هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاه چيو ته وزير اعلي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن ڪجهه خطن جي طريقيڪار تي ڳالهه ٿي هئي, اسان آءِ جي ۽ سنڌ پوليس جي مڪمل سپورٽ ڪيون ٿا ڪجهه هنڌن تي امن امان جون شڪايتون آهن پر گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صورتحال بهتر آهي سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٿوريون گهڻيون وارداتون جتي ٿين ٿيون اهي به نه ٿين, هن وڌيڪ چيو ته صحافين جي تحفظ لا۽ قانوني بل پاس ڪيو آهي جنهن تي عمل ڪرايو ويندو انشورنس ۽ هيلٿ پاليسر تي به ڪم ڪيون پيا سوسائٽيون به ٺاهي رهيا آهيون سنڌ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته صحافين جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي ڪووڊ ۾ به ٻين فرنٽ لائين ورڪرز سان گڏ صحافين ۽ فيلڊ ۾ رهندڙ ڪيمرامين کي به ڪووڊ کان بچاع جون ويڪسين ڪيون وينديون , صالح پٽ پريس ڪلب کي به فنڊ ڏنا ويندا. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاه صالح پٽ اسپتال ۾ سهولتن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هداتن تي وزيراعلي سنڌ چيو آهي ته جتي به ايم بي بي ايس پاس ڊاڪٽر ملي اتي ڀرتي ڪري ڪم وٺو تڪڙن بنيادن تي ڊاڪٽرن پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسز جي ڀرتي ڪري رهيا آهيون ته جيئن کوٽ پوري ٿي سگهي.










