ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور 20 لک ڪسينو بائيو ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي ڪوشش هئي ته 10 ملين ڊوزز خريد ڪيون. هن چيو ته ترقياتي ۽ ٻي بجيٽ روڪي اسان ويڪسين خريد ڪنداسين ته جيئن صوبي جي سموري آبادي کي ويڪسين جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ کين هن موذي مرض کان محفوظ بڻائي سگهجي. اها ڳالهه هن وزيراعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪورونا بابت پراونشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي صحت بابت پارليماني سيڪريٽري ايم پي اي قاسم سراج سومرو پڻ موجود هيو. صوبائي وزير چيو ته وزير اعليٰ سنڌ اين سي او سي جي اجلاس ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز نه ڏني هئي پر بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي 14 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کي پڻ رد نه ڪيو ويو هو پر ان تي وڌيڪ مشاورت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. هن چيو ته اسان جي پهرين ڏينهن کان ڪوشش هئي ته اسين ويڪسين پر ڏيهه مان گهرايون پر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاران ويڪسين جي قيمت مقرر نه ڪرڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري ان ۾ ڏکيائون پيش آيون هن چيو ته هاڻي ڊريپ قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ اسان 20 لک ڪورونا ويڪسين گهرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اڃان تائين وفاقي حڪومت پنهنجي فنڊ مان ويڪسين جي خريداري نه ڪئي آهي، جڏهن ته اها چين پاران ڊونيشن ۾ مليل ويڪسين تي گذارو ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت اين سي او سي جي فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ جن علائقن ۾ ڪورونا جو ريشو وڌيڪ آهي اتي پابنديون لڳايون پيون وڃن جڏهن ته تعليم واري وزير کي اجلاس گهرائي اسڪولن بابت فيصلو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته صحافي فرنٽ لائين ورڪر آهن انهن جي ويڪسينيشن لاءِ ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪلب تي ڪورونا ويڪسين جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعليٰ سنڌ 31 مارچ تي اين سي او سي اجلاس ۾ وزيراعظم کي سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ماڻهن جي بين الصوبائي چرپر بند ڪرڻ جي به گذارش ڪئي هئي ته جيئن ڪورونا ملڪ جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ روڪجي. قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر جا اثر پنجاب، ڪي پي ڪي، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي رهيا آهن ۽ اتي 14 کان 15 سيڪڙو مثبت ڪيسز ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حالتون بهتر آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ اجلاس ۾ گذارش ڪئي هي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي ته جيئن ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪي سگهي ان سان گڏ ويڪسينيشن جي پراسيز ۽ طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ ويڪسينيشن جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون هيون ۽ عمر جي حد ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي شهري 50 سال کان گهٽ عمر وارا آهن پر انهن کي مختلف بيماريون آهن جن جي ڪري اهي ڪورونا جو آساني سان شڪار ٿي سگهن ٿا. مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ متحرڪ آهي هن چيو ته پهرين لهر جيان ٽئين لهر جو به مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته اڄوڪي پراونشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي هدايت ڏني آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن پڻ نجي شعبي لاءِ ويڪسين جي عمل کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن جيڪو ماڻهو خريد ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ته اهو آساني سان ويڪسن لڳرائي سگهي. هن چيو ته ميڊيڪل عملي کان علاوه پوليس، رينجرز اهلڪار ۽ روينيو عملدار به فرنٽ لائين ورڪر آهن انهن کي به محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد بهتر نموني ڪري سگهن. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي تياري مڪمل آهي اسان بلدياتي ادارن کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ لاءِ قانون سازي تقريبن مڪمل ڪري ڇڏي آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سياسي ورڪرن کي ڀليڪار چئون ٿا، اسان وٽ ڪابه لانڊري لڳل ناهي، پيپلز پارٽي ۾ جيڪي به شامل ٿيا آهن انهن جو ڪردار صاف آهي. اسان وٽ سٺِي ساک وارن ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن انهن لاءِ اسان جا دروازا هميشه لاءِ کليل آهن. ايم ڪيو ايم جڏهن کان منتشر ٿي آهي ان ۾ موجود سياسي سوچ جا ماڻهون مختلف جماعتن ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪتي ڏاڙهڻ جي واقعن تي بلديات کاتي جي 40 سينيئر آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي اسان سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز سان گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون هن چيو ته ڪتن کي نيوٽريلائيز ڪرڻ لاءِ ڪي به فنڊز ناهن رکيا ويا اپوزيشن جا الزام بي بنياد آهن.










