حيدرآباد (بيورورپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪورونا وائرس کان بچاء لاء ماڻھن کي ويڪسين لڳائي وڃي حڪومت جي نااھلي جي ڪري عام ماڻھن جون زندگيون محفوظ ناھن بدقسمتي سان اسان وٽ وبائي بيماريون ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪمائي جو ذريعو بنايون وڃن ٿيون۔ دنيا ما ن پوليو وائرس ختم ٿي ويو پر پاڪستان مان اھو ختم نٿو ڪيو وڃي ۽ ھاڻ حڪومت جي ڪرپشن پاڪستان ۽ سنڌ کي ڪرونا جو مستقل گھر ٺاھي ڇڏيو آھي۔ سوشل ڊسٽينس تي ڪو عمل نٿو ڪرايو وڃي۔ دنيا ۾ ڪرونا وائرس کان بچاء لاء سماجي وٿي سوشل ڊسٽينس تي سختي سان عمل ڪيو ويو آھي پر اسان وٽ ان تي ڪو به عمل نه ٿي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت فوري طور تي ڪرونا وائرس کان بچا لاء قدم کڻي۔ ماڻھن جون زندگيون محفوظ بنايون وڃن۔ ويڪسين کي عام ڪيو وڃي تہ جيئن ماڻھن جون زندگيون محفوظ ڪري سگھجن.










