ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي راڄڌاڻي شھر ڪراچي ۾ اڄ گرمي جو پارو 40 سينٽي گريڊ تي وڃين پھتو وڌيڪ پنچ ڏينهن اڃان اھڙي گرمي جاري رھندي عوام احتياط ڪري سنڌ جي راجڌاڻي واري شھر ڪراچي ۾ گرمي جو پاور چڙھي ويو اڄ گرمي ۾ 40 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو سخت گرمي سبب شھر جا تقريبن مصروف ترين روڊ رستا ۽ بازارون ويران نظر آيون اڪثر ماڻھن جي رش گھٽ ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ته محڪمو مسميات پاران اڃان وڌيڪ پـنج ڏينهن تائين اھڙي گرمي جي اڳٿي ڪئي وئي آهي عوام کي احتيات ڪرڻ ۽ بلاجواز گھرن کان ٻاھر نه نڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي










