لکي غلام شاھ(رپورٽ:نثارمنگي) لکي غلام شاهه لڳ وزيرآباد ۾ ALC چائلڊ پروٽيڪشن سنڌ جي چيئرپرسن شميم ممتاز جو دورو سماجي تنظيم ليگل رائيٽس فورم جي نگراني ۾ ھلندڙ نياڻين لاءِ غير رسمي تعليمي سينٽرن جي وزٽ دوران شميم ممتاز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نياڻين لاءِ غير رسمي تعليم ذريعي سجاڳي پيدا ڪرڻ بهتر مستقبل جي ضمانت آھي پٺتي پيل علائقن ۾ خصوصن نياڻين کي تعليم مھيا ڪرڻ سجاڳي جي نشاني آهي ھن وقت ٻارن ۽ نياڻين جو تحفظ ھر صورت ۾ ڪنداسين ڪٿي به ٻارن ۽ نياڻين سان زيادتي يا ظلم ٿيو ته ديوار بڻجي مقابلو ڪنداسين شميم ممتاز وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نياڻين ۽ ٻارن کي سٺي ۽ خراب جي بخوبي خبر ھجڻ گھرجي ان لا تربيتي ورڪشاپ ۽ ننڍي سطح تي گڏجاڻيون منعقد ڪري سجاڳي مھيا ڪئي ويندي.

حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ سخت قانون تيار ڪري ۽ عدالتون تڪڙا ڪيس ھلائن جيئن زيادتي ۽ ظلم ڪندڙ سزا ۽ انجام تي پھچي سگھن چائيلڊ پروٽيڪشن سنڌ جي چيئرپرسن وڌيڪ چيو ته ننڍپڻ جي شادي کي روڪڻو پوندو نياڻين جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ قانوني ڏوھ به آھي ان لاءِ سمورين ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ان موقعي تي ليگل رائيٽس فورم جي پروگرام مئنيجر منظور احمد ، ليگل رائيٽس فورم جي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر اياز حسين سومرو،زاھد ابڙو،صائمه ناز، اختيار پروين، سائقہ پروين سميت وڏي انگ ۾ مقامي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي.










