ڳاڙهو (رپورٽ سلطان کٽي) سنڌ پپلز ايمبولينس سروس 1036 ڪيٽي بندر ڳاڙھو جي ٽيم پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي سنڌ پپلز ايمبولنس سروس جي سپروائيزر جي ايم چانڊيو فهيم الرحمٰن سڪندرخان واڍيلو ۽ شفقت النبي ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته جولائي 2017 کان هن وقت تائين هڪ لک مريضن کي مفت ايمبولنس جي سروس فراهم ڪئي وئي آھي ٺثي ۽ سجاول ۾ بهترنموني سنڌ پپلز ايمبولنس سروس ڪم ڪري رهي آھي سرڪارکي ٺٽو ۽ سجاول سان گڏسنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به هن قسم جي سهولت ڏيڻ گهرجي.هن چيوته جاڳرتا ريلي جو مقصد ماڻھن تائين هن سروس مان سهولت حاصل ڪرڻ جو پيغام پهچائڻ آھي جئين ڪنهن به امڪاني حادثي جي صورت يوبائي بيمارين جي صورت ۾ سندن قيمتي زندگين کي بروقت پهچي ايمولنس سرورس ۽ فرسٽ ايڊ ڏئي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي










