ڪورونا سبب وڌيڪ چار مريض فوت ۽ 269 ٻيا متاثر

ڪورونا سبب وڌيڪ چار مريض فوت ۽ 269 ٻيا متاثر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ چار مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 4495 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 9030 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 269 نوان ڪيس سامهون آيا . اِها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي. هن وڌيڪ چيو تته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ چار مريض پنهنجي حياتي وڄائي ويٺا جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 4495 ٿي ويو آهي جيڪي 1.7 سيڪڙو فوتين جي شرح آهن. مراد علي شاهه چيو ته 9030 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 269 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي جيڪي 3 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3280778 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 265157 ڪيس جي تشخيص ٿي انهن مان 96.5 سيڪڙو يعني 255952 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 183 مريض به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4710 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 4416 گهرن ۾، 8 آئسوليشن سينٽرن ۽ 286 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 259 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 39 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 269 نون ڪيسن مان 99 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 34، ضلع ڏکڻ 24، ضلع سينٽرل 15، ضلع ملير 12، ضلع ڪورنگي ۽ ضلع اولهه 7-7 شامل آهن. ٺٽو ۾ 36، ميرپورخاص 14، ٽنڊو محمد خان 13، ٽنڊو اللهيار 11، دادو ۽ شهيد بينظير آباد 10-10، سانگهڙ 8، گهوٽڪي، سجاول، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو 6-6، بدين، مٽياري ۽ حيدرآباد 5-5، خيرپور ۽ نوشهروفيروز 3-3، جيڪب آباد 2، ڄامشورو ۽ سکر 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو