ڪراچي(رپورٽ باغي ساگرپنھوار ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوء پنھجي تڪ پي ايس 99 جي عوام سان ملڻ لاء پھچي ويو، تڪ جي ماڻھن پاران سندس جو شاندار استقبال ڪيو ويو، هن پي ٽي آء جي ڪارڪنن جي گھر پھچي سندن سان ملاقات ڪئي ۽ پنجويھ ڏيھن جيل ۾ گزارڻ تي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيو، جڏھن ته آزادي کانپوء حليم عادل شيخ گرفتار پي ٽي آء ڪارڪنن سان جيل ۾ ملاقات ڪئي، حليم عادل شيخ سان پي ٽي آء ورڪر به گرفتار ٿيا ھيا، ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس چادر چارديواري جو تقدس پامال ڪندي اسان جي ڪارڪنن کي گھرن ۾ گھڙي گرفتار ڪيوھيو، جن کي 25 ڏينھن ٿاڻي ۽ جيل ۾ رکيو ويو، پي ٽي آء جي سوين ڪارڪنن جي گھرن ۾ گھڙي ڇاپا ھنيا ويا ھيا، اھڙي حالات ۾ ڪارڪنن جي ھمت قابل تعريف آھي، پوري سنڌ ۾ ڪارڪنن مٿان ظلم ٿي رھيو آھي، جن لاء ھڪ سيل ٺاھي رھيا آھيون، پي ٽي آء ڪارڪنن پنھنجو پاڻ کي لاوارث نه سمجھن، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان، گورنر سنڌ سميت پوري پارٽي ڪارڪنن سان گڏ آھي، جيڪي ماڻھو اسان کي جھڪائڻ چاھين پيا اھي اسان جي ڪارڪنن کي به نٿا جھڪائي سگھن، اسين انھن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين انھن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪنداسين، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي حڪمران جماعت جو سربراھ آھي، ان کي سنڌ جي اپوزيشن ليڊر جي به خبر ناھي ته ھو سنڌ جي عوام جي مسئلن کان ڪيئن واقف ھوندو، سنڌ ۾ تعليم، صحت، انفرا اسٽڪچر جو نظام تباھ ٿي ويو آھي، سنڌ جا وزير ڪرپشن ۾ ملوث آھن، بلاول ڀٽو زرداري کي عوام جو ڪو فڪر ناھي،










