گمبٽ (ن سنڌيار) ٻهه ڏينهن ڪشمور جي علائقي مان اغوا ٿيل گمبٽ جي ڳوٺ هليا ڀٽي جا رھواسي چئن ڄڻن فنڪارن جي وارثن پاران بازيابي لاءِ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اغوا ٿيل نوجوانن جي وارثن دانهيندي چيو ته اسان جا چار ڄڻا فنڪار دربان ڀٽي، سهيل ڀٽي، اخلاق ڀٽي ۽ مزمل ڀٽي ڪشمور راڳ جي پروگرام ۾ ڳائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ اغوا ٿي ويا، ڪشمور پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪجهه به ناهي ڪيو.احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته چئن مغوي فنڪارن کي بازياب ڪرايو وڃي.










