روهڙي (رپورٽر) ويڪسينيٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ روهڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي .ويڪسينيشن تنظيم جي اڳواڻن محمد صديق راڄپر، سنيل ڪمار، سلامت مهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اٺ ڏينهن اڳ صحت کاتي اسان جا مطالبا منظور ڪري فنانس ڊپارٽمينٽ ڏانهن سمري اماڻي هئي پر فنانس کاتي جي نااهلي سبب سرڪاري ليٽر ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي پهريان به اسان جي جائز مطالبن کي ڦوڪڻي ۾ حوا ڀري مٿي اڏائي اسان سنڌ جي ويڪسينيٽرن جي جذبن سان کيڏيو ويو هاڻي به ساڳئي رٽ آهي جيڪا اسان کي منظور ناهي، ويڪسينيٽرن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ وري ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب جو رخ ڪيو آهي جيستائين فنانس ڊپارٽمينٽ اسان جي اپگريڊيشن واري سمري پاس نٿي ڪري تيستائين اسان جو احتجاج احتجاج جاري رهندو ۽ سڄي سنڌ جا ويڪسينيشن سينٽر بند رهندا.










