راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ون اي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب شاهين ون اي ميزائل 900 ڪلوميٽر تائين پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو، تجربي جو مقصد ميزائل جي مختلف ڊزائن ۽ پيراميٽرز کي جاچڻ هو، شاهين ون اي ۾ جديد نيوي گيشن سسٽم هنيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا ميزائل تجربي جو مشاهدو ڪيو.ان موقعي تي نيسڪام جو چيئرمين ڊاڪٽر رضا ثمر، آرمي اسٽريٽجڪ فورس جي ڪمانڊر جنرل محمد علي به موجود هئا، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڊي جي ڪامياب تجربي تي انجنيئرز ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.










